ڪوئيٽا (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف رياست جي سمورن سيڪيورٽي ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پوري طاقت سان ڪارروائي ڪن، دهشتگرد آسان هدف بڻائي رهيا آهن جن جو جديد ٺوس طريقي سان موثر جواب ڏيڻ گهرجي. هو ڪالهه سومر ڏينهن گورنر سيڪريٽريٽ ڪوئيٽا ۾ هڪ هنگامي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي سول اسپتال ۾ دهشتگرداڻي حملي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي، بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عامر رياض، آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه، وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ناصر خان جنجوعه، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد، ڊي جي ملٽري آپريشنز ۽ ڊي جي ملٽري انٽيليجنس پڻ شرڪت ڪئي. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري سيف الله چٺا وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته گذريل ٽن سالن دوران بلوچستان ۾ امن جي بحالي جي سلسلي ۾ بهتري ڏٺي وئي آهي ۽ هي افسوسناڪ واقعو قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستان جا دشمن پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي خلاف آهن. هن چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف جي قيادت ۾ فوج سي پيڪ جي حوالي سان درپيش سيڪيورٽي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ شاندار طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ۽ دهشتگردي جي خاتمي واري اداري سي ٽي ڊي جي سگهه وڌائڻ جي لاءِ وسيلا فراهم ڪنديون. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اساندهشتگردي جي عالمي خطرن جو ڀرپور ڪوشش سان خاتمو ڪنداسين. ان سلسلي ۾ وفاقي ۽ صوبائي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيليجنس ايجنسين جو هڪ فعال مڪينزم بڻايو ويندو، ان فريم ورڪ جي دستياب وسيلن سان مدد فراهم ڪنداسين. وزيراعظم بلوچستان جي وڏي وزير کي ان سلسلي ۾ هڪ ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم ڪوئيٽا اچڻ تي سي ايڇ ايم جو دورو ڪيو ۽ دهشتگردي جي حملي جي زخمين جي عيادت ڪئي. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 21:11
سيڪيورٽي ادارا دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پوري طاقت سان ڪارروائي ڪن،
دهشتگرد آسان هدف بڻائي رهيا آهن جن جو جديد ٺوس طريقي سان موثر جواب ڏيڻ گهرجي، پاڪستان جا دشمن پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي خلاف آهن:وزيراعظم محمد نواز شريف
9 سال پھريان
