نائن اليون کانپوءِ شروعاتي طور تي تهذيبن جي وچ ۾ ٽڪراءُ جي ڳالهه ڪئي وئي: مولانا محمد خان شيراني

نائن اليون کانپوءِ شروعاتي طور تي تهذيبن جي وچ ۾ ٽڪراءُ جي ڳالهه ڪئي وئي: مولانا محمد خان شيراني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين مولانا محمد خان شيراني چيو آهي ته نائن اليون کانپوءِ شروعاتي طور تي تهذيبن جي وچ ۾ ٽڪراءُ جي ڳالهه ڪئي وئي جڏهن ته بعد ۾ ان کي دهشتگردي جي خلاف جنگ جو نالو ڏنو ويو، اصل ۾ اهي ٻئي قدم ماڻهن کي اسلام کان بيزار ڪرڻ جي لاءِ کنيا ويا. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي تي بحث ۾ حصو وٺندي مولانا محمد خان شيراني چيو ته ڪوئيٽا جي سانحي ۾ بلوچستان جي وڪيلن جو صفايو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان سانحي تي اسان کي رڳو افسوس جو اظهار ڪرڻ بدران پنهنجي گهر جي اندر جي دشمنن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 1945ع ۾ ٻي جنگ عظيم جي خاتمي تي هن خطي تي انگريز جو راڄ هو اڄ به انگريزن جو ئي راڄ آهي. هن چيو ته 2015ع ۾ پينٽاگان جي جيڪا رپورٽ ظاهر ٿي ان ۾ واضح آهي ته آمريڪا پنهنجي تحفظ لاءِ دنيا تي جنگ مڙهيندو. نائن اليون کانپوءِ فوري طور تي چيو ويو ته اهو تهذيبن جي وچ ۾ ٽڪراءُ آهي، بعد ۾ ان کي دهشتگردي جي خلاف جنگ جو نالو ڏنو ويو، ان جو مقصد اسلام کان بيزار ڪرڻ آهي.