اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته ڪرمنل جسٽس سسٽم تي ڪم اڳيان وڌايو وڃي، دهشتگردي جي خلاف هر سطح تي قدم کنيا وڃن. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي تي جاري بحث ۾ حصو وٺندي ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته ڪوئيٽا ۾ جنهن پئماني تي دهشتگردي ٿي آهي ان تي پوري قوم کي وڏو صدمو پهتو آهي. هن چيو ته اهڙن واقعن تي رڳو تعزيت ۽ مذمتي بيان ڪافي نه آهن، اصل ڳالهه اها آهي ته اسان دهشتگردي جي واقعن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون، اهڙا قدم ٿيڻ گهرجن جو خودڪش حملي آور اهڙين ڪاررواين جي لاءِ پهچي نه سگهن، نيشنل ايڪشن پلان ٺهي ويو آهي پر ڪرمنل جسٽس سسٽم تي ڪم اڳيان نه وڌي سگهيو، جيستائين هر سطح تي دهشتگردي جي خلاف قدم نه کنيا ويا اهڙا واقعا ٿيندارهندا. رياست کي گهرجي ته دهشتگردن جي معصوم شهرين تائين پهچ کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي، ان جي لاءِ انٽلييجنس جي نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته رياست عوام جي لاءِ ڀروسي جوڳي پاليسي جوڙي.
ڪرمنل جسٽس سسٽم تي ڪم اڳيان وڌايو وڃي: ڊاڪٽر شيرين مزاري
8 سال پھريان