گهرو مملڪتي وزير پاران ڪوئيٽا واقعي جي تفصيلن کان قومي اسيمبلي کي آگاهي

گهرو مملڪتي وزير پاران ڪوئيٽا واقعي جي تفصيلن کان قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) گهرو مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان ڪوئيٽا واقعي جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪندي قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته هينئر تائين جي اطلاع موجب هن ڌماڪي ۾ 69 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 90 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ابتدائي بيان ڏيندي گهرو مملڪتي وزير ٻڌايو ته اڄ صبح ٽن دهشتگردن منوجان روڊ تي بلوچستان بار جي صدر بلال انور ڪاسي تي حملو ڪيو، ان تي حملي جو ٻڌي وڪيل پوليس اهلڪارن سميت ٻيا ماڻهو سول اسپتال ۾ جمع ٿي ويا، جتي خودڪش حملو ٿيو، جنهن جي تازن انگ اکرن موجب 69 ماڻهو مارجي ويا ۽ 90 زخمي ٿيا آهن.