قومي اسيمبلي ۾ ڪوئيٽا سانحي تي بحث

قومي اسيمبلي ۾ ڪوئيٽا سانحي تي بحث

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) قومي اسيمبلي ۾ معمول جي ڪارروائي روڪي ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي ۽ نقصانن کي بحث هيٺ آندو ويو، سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اجلاس جي آغاز تي چيو ته ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي ۾ 65 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته معمول جي ڪارروائي معطل ڪري رول 259 تحتان واقعي تي بحث ڪرايو وڃي. زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته سوالن جي وقفي سميت ٻي ايجنڊا معطل ڪري اهو معاملو بحث هيٺ آندو وڃي، ايوان ان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي.