وزيراعظم امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوئيٽا پهچي ويو

وزيراعظم امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوئيٽا پهچي ويو

ڪوئيٽا (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف بم ڌماڪي جي افسوسناڪ واقعي کانپوءِ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سومر ڏينهن هتي صوبائي گادي واري شهر پهچي ويو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف، بلوچستان جو وڏو وزير ثناءُ الله زهري، اطلاعات وارو وزير سينيٽر پرويز رشيد ۽ قومي سلامتي وارو صلاحڪار ناصر خان جنجوعه به وزيراعظم سان گڏ هئا، وزيراعظم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي سول اسپتال ۽ سي ايم ايڇ ۾ عيادت به ڪندو. هو گورنر سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس به ڪندو.