سينيٽ جي قاعدن، ضابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي سبب ملتوي

سينيٽ جي قاعدن، ضابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي سبب ملتوي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) سينيٽ جي قاعدن، ضابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي سبب ملتوي ڪيو ويو. ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني جو پٽ سنگت جمالديني جيڪو وڪيل آهي سو پڻ بم ڌماڪي ۾ شديد زخمي آهي، ڪميٽي جو اجلاس ڪوئيٽا بم ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙ شهرين جي ايصال ثواب ۽ زخمين جي صحتيابي جي دعا سان ملتوي ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽرز سليم ضياءُ، سردار يعقوب ناصر، نگهت مرزا کانسواءِ اعليٰ سرڪاري عملدار شريڪ ٿيا.