صدر پاران سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي جي مذمت

صدر پاران سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) صدر ممنون حسين سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي جي پرزور مذمت ڪندي افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻتي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر مارجي ويندڙ وڪيلن، صحافين ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ مارجي ويندڙن جي مغفرت ۽ سندن بلند درجا فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي. صدر انتظاميه کي هدايت ڪئي ته حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن کي علاج جون سموريون سهولتون مهيا ڪيون وڃن. ان موقعي تي صدر چيو ته دهشتگرد اهڙين ڪاررواين سان دهشتگردي جي خلاف آپريشن نٿا روڪي سگهن ۽ نه ئي عوامي حوصلن کي ختم ڪري سگهن ٿا، صدر چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي جنهن به ڪنڊ ۾ لڪل هوندا انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.