وزيراعظم پاران بلوچستان بار ايسوسيئيشن جي صدر جي قتل جي مذمت

وزيراعظم پاران بلوچستان بار ايسوسيئيشن جي صدر جي قتل جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف بلوچستان بار ايسوسيئيشن جي صدر بلال ڪاسي جي قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس مان جاري بيان موجب وزيراعظم گهرو وزارت ۽ صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته ان بي رحماڻي واقعي جي ذميدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ بلال ڪاسي کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.