سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين پاران ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي ۽ فائرنگ جي واقعي جي مذمت

سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين پاران ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي ۽ فائرنگ جي واقعي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08 اگست 2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ ڌماڪي ۽ فائرنگ جي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ۽ زخمي ٿيا، هنن ان کي هڪ بزدلاڻي ڪارروائي قرار ڏيندي چيو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندا، سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين پنهنجي ڌار ڌار تعزيتي پيغامن ۾ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ان واقعي ۾ فوت ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ سندن پوئينرن کي هي صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر راجا محمد ظفر الحق ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن به بم ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي ۽ ان کي بزدلاڻي ڪارروائي قرار ڏنو آهي. هنن فوت ٿيندڙن جي لاءِ مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.