پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي چونڊ قاعدن جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي

پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي چونڊ قاعدن جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27اپریل2017ء) چونڊ سڌارن جي پارلياماني ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي چونڊ قانون 2017ع، آئيني ترميمي بل ۽ چونڊ قاعدن جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ٽئي مسودا چونڊ سڌارن جي پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليا ويا. ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن ڪنوينر زاهد حامد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ چونڊ قانون 2017ع، آئيني ترميمي بل ۽ چونڊ قاعدن جي مسودي تي وڌيڪ غور ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي زاهد حامد ٻڌايو ته چونڊ سڌارن جي ذيلي ڪميٽي پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. ذيلي ڪميٽي چونڊ قانون 2017ع، ائيني ترميمي بل ۽ چونڊ قاعدن جي مسودي جي منظوري ڏيندي ان کي پارلياماني ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته ذيلي ڪميٽي مليل 637 تجويزن مان اهم تجويزن کي تجويز ڪيل قانون ۾ شامل ڪيو آهي، ڪميٽي اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي آهي ته هڪٻئي سان هڪجهڙائي رکندڙ چونڊ نشان فهرست ۾ شامل نه ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته شينهن سان هڪجهڙائي رکندڙ ٻلي جو نشان فهرست ۾ نه هجي ۽ نه ئي بيٽ سان هڪجهڙائي رکندڙ ڏنڊي جو نشان هجي. ڪميٽي بيلٽ پيپر جي ڇپائي لاءِ پرنٽنگ ڪارپوريشن جي صلاحيت وڌائڻ جي به شفارش ڪئي. زاهد حامد ٻڌايو ته چونڊ شيڊول ۾ تبديلي سبب هاڻي گهٽ وقت ۾ بيلٽ پيپرن جي ڇپائي ڪرڻي پوندي. قانون واري وزير ٻڌايو ته سياسي پارٽين جا نمائندا چونڊ سامان جي پولنگ اسٽيشنن تي پهچائڻ جي عمل جو جائزو وٺي سگهندا٫