اردن جو پارلياماني وفد دورو مڪمل ڪري واپس روانو

اردن جو پارلياماني وفد دورو مڪمل ڪري واپس روانو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27اپریل2017ء) اردن جو پارلياماني وفد پنهنجو چئن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ سينيٽ جي اعليٰ عملدارن وفد کي الوداع ڪيو. وفد جي قيادت اردن جي سينيٽ جي صدر فيصل عاڪف الفياض ڪري رهيو هو. اردن جي پارلياماني وفد پنهنجي دوري ۾ صدر ممنون حسين، سينيٽ چيئرمين، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار، پاڪستان اردن دوستي گروپ کانسواءِ اعليٰ سطح تي ملاقاتون ڪيون ۽ پارلياماني سطح تي رابطن کي وڌيڪ استحڪام ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدن جي يادداشتن تي صحيحون به ڪيون جنهن تحت هڪٻئي جي تجربن مان ڀرپور فائدو کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ياد رهي ته اردن جو وفد سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني جي دعوت تي پاڪستان آيو هو.