سينيٽ جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27اپریل2017ء) سينيٽ جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر پروفيسر ساجد مير جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته منگلا ڊيم جي بجلي پيداوار جو حصو في يونٽ 15 پئسا ڏنو پيو وڃي، هائيڊرل پاور کان رائلٽي صوبن کي هڪ روپيو 10 پئسا ملندي آهي. گلگت بلتستان جي عملدارن ٻڌايو ته توانائي، ٽرانسپورٽ، مواصلات جي منصوبن لاءِ گهٽ کان گهٽ 15 ارب جي بجيٽ گهرجي. ريجنل گرڊ گلگت ۾ 5 ارب روپين جي رقم سان جوڙي ويندي ته جيئن وڌيڪ علائقن ۾ بجلي فراهم ڪري سگهجي، وزيراعظم دل جي مريضن جو 50 بسترن جي اسپتال، معدنيات جي سروي جي منصوبن جي به منظوري ڏني آهي ۽ ٻڌايو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري ۾ گلگت بلتستان جا ٻه منصوبا شامل ڪيا ويا آهن خصوصي انڊسٽريل زون بڻائڻ چاهيون ٿا پر بجلي جو مسئلو آهي، سائنسي تحقيق ۽ جديد مشينري نه هجڻ سبب قيمتي پٿر ۽ معدنيات ضايع ٿيندي آهي. ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر سراج الحق، باز محمد خان، حاجي مومن خان آفريدي، نجمه حميد، احمد حسن، ليفٽيننٽ جنرل (ر) صلاح الدين ترمذي کانسواءِ وزارت جو سيڪريٽري، گلگت بلتستان جو چيف سيڪريٽري ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.