سينيٽ جي ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملن، ڳڻپ ۽ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملن، ڳڻپ ۽ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27اپریل2017ء) سينيٽ جي ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملن، ڳڻپ ۽ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪمپنيز بل 2017ع ۾ ڪجهه وڌيڪ ترميمن جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر چيئرمين سليم ايڇ مانڊوي والا جي صدارت ۾ خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، ڪميٽي ڪمپنيز بل 2017ع جي تقريبن هڪ سئو کان وڌيڪ شقن کي بحث هيٺ آندو ۽ مسودي ۾ ڪجهه نين ترميمن جي تجويز ڏني، ان بل جو مقصد ڪمپنين بابت قانون ۾ سڌارا ۽ ان جو موثر لاڳو کي يقيني بڻائڻ آهي. هي بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿي چڪو آهي ۽ ان کي وڌيڪ غور جي لاءِ 17 فيبروري 2017ع تي سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي. ان حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن هيستائين بل جي 444 شقن جو مطالعو مڪمل ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٻين شقن جو ايندڙ اجلاس ۾ جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽر محمد محسن لغاري، ڪامل علي آغا ۽ الياس بلور کانسواءِ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، لا ڊويزن جي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن شرڪت ڪئي.