پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سدائين مخلصاڻو ڪردار ادا ڪيو آهي: صدر ممنون حسين

پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سدائين مخلصاڻو ڪردار ادا ڪيو آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27اپریل2017ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سدائين مخلصاڻو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هو روس جي تعميري ڪردار جي آجيان ڪري ٿو، موجوده عالمي حالتن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بهترين آهي ۽ ان شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. صدر اها ڳالهه خميس ڏينهن هتي نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ سکيا وٺندڙ آفيسرن کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام اسان جي ترجيح آهي، ان سلسلي ۾ اسان جي خلوص ڪوششن جا نتيجا برآمد ٿي رهيا آهن. هن چيو ته افغانستان ۾ حالتن جي خرابي جا اثر پاڪستان تي به پيا آهن. ان لاءِ پاڪستان افغانستان ۾ استحڪام جي هر ڪوشش جي ڪاميابي جي لاءِ خلوص سان ڪم ڪيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان روس سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو ۽ روس سان خوشگوار لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ڪاميابي آهي، صدر چيو ته رياست جي ڌرين ۾ احساس محرومي تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن عوامي مسئلن جي حل جي رفتار سست ٿي وڃي. ان سان رياست ڪمزور ٿيندي آهي. ان لاءِ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ضابطه ڪار کي رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي. صدر چيو ته اردو اسان جي قومي زبان آهي جنهن کي آهستي آهستي آفيس جي ٻولي بڻجڻ گهرجي، ان سان مسئلا پيدا نه ٿيندا. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ هو سدائين اردو ۾ تقرير ڪندو آهي، هن چيو ته اسان جي يونيورسٽين کي گهرجي ته هو جديد علم جي ڪتابن جو ترجمو اردو ۾ ڪرائين ته جيئن معاشري جو ڪو به طبقو علم کان محروم نه رهي. صدر چيو ته ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو جلد خاتمو ٿي ويندو. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جي ڪاميابي جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کانسواءِ هٿياربند فوج به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته فاٽا سڌارن جو عمل ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي مڪمل اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. صدر چيو ته ملڪي پاليسين جو رخ درست آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان الله تعاليٰ جي فضل سان ترقي جي هڪ وڏي وک کڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ قوم جي سمورن طبقن کي پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي، ان موقعي تي صدر سکيا وٺندڙ سينئر آفيسرن جي سوالن جا جواب به ڏنا.