سينيٽ کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ نمائندگي ڏيڻ تي حڪومت جا ٿورائتاآهيون: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

سينيٽ کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ نمائندگي ڏيڻ تي حڪومت جا ٿورائتاآهيون: سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06 اگست 2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته سينيٽ کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ نمائندگي ڏيڻ تي حڪومت جا ٿورائتا آهيون، اختيارن جي هيٺئين سطح تي منتقلي جي قدمن خلاف ڪو قدم کنيو ويو ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن سينيٽ جي 44 هين يوم تاسيس جي موقعي تي وفاق کي درپيش چئلينج ۽ سينيٽ جي ڪردار جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪو بحث پاڪستان قائم ٿيڻ وقت ختم ٿي چڪو آهي ان کي بحث هيٺ آڻڻ جو مقصد درپيش چئلينجن تي پڙدو وجهڻ ۽ اسٽيٽس ڪو برقرار رکڻ جي ڪوشش آهي. هاڻي پاڪستان آڏو اهڙا چئلينجز آهن جو جيڪڏهن انهن چئلينجن تي پڙدو وجهڻ ۽ اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي. وفاق کي ورهائڻ ان کي ڪمزور ڪرڻ جي سوچ دم ٽوڙي چڪي آهي. پاڪستان جو نئون نسل پنهنجي قوميت ۽ زبان کي اختيار ڪرڻ چاهي ٿي، جيستائين رياست انهن جي اميدن کي آئيني طور تي تسليم نه ٿي ڪري وفاق مضبوط نه ٿو ٿي سگهي. هن سينيٽ ڊي جي موقعي تي خصوصي سپليمينٽ شايع ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ تي وفاقي حڪومت، اطلاعات واري وزير ۽ چئني صوبائي وڏن وزيرن جا ٿورا مڃيا. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:51