وزيراعظم پاران توانائي منصوبا وقت تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت

وزيراعظم پاران توانائي منصوبا وقت تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ملڪ جي مختلف حصن ۾ توانائي جي جاري منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هو پاڻ هر ٻن هفتن کانپوءِ انهن منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندو، وزيراعظم چيو ته هو منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پاڻ منصوبن وارن هنڌن جا دورا ڪندو. هو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ توانائي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته جاري منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان نيشنل گرڊ ۾ بجلي جو نمايان اضافو ٿيندو ۽ ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو سدائين جي لاءِ خاتمو ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته بجلي جي پيداوار ۾ اضافي سان صنعتي سرگرمين کي هٿي ملندي جيڪي اقتصادي واڌويجهه ۾ اضافي ۾ مددگار ثابت ٿينديون. پنجاب جو وڏو وزير محمد شهباز شريف، پيٽروليم وارو وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، پاڻي ۽ بجلي وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ٻيا سينيئر عملدار پڻ ان اجلاس ۾ موجود هئا. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي سيڪريٽري اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته 2016ع گذريل 10 سالن ۾ بجلي جي پيداوار جي حوالي سان بهترين ۽ مستحڪم سال رهيو آهي. وزيراعظم کي 2017ع کان وٺي مارچ 2018ع تائين جي عرصي ۾ مڪمل ٿيندڙ بجلي جي پيداواري منصوبن بابت ٻڌايو ويو. ان ٽائيم لائين ۾ مڪمل ٿيندڙ منصوبن ۾ گڊو پاور پراجيڪٽ ۽ نندي پور پاور پلانٽس کي گئس تي منتقلي جا منصوبا به شامل آهن جنهن سان ترتيبوار 400 ۽ 125 ميگاواٽ جي اضافي بجلي پيدا ٿيندي، ان کانسواءِ انهن منصوبن ۾ پنجاب ۾ ايل اين جي سان هلندڙ ٽي پاور پلانٽس شامل آهن جن سان 2400 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار متوقع آهي. ان کانسواءِ 1350 ميگاواٽ جي سگهه رکندڙ ساهيوال ڪول پاور پراجيڪٽ، 1320 ميگاواٽ جي سگهه رکندڙ پورٽ قاسم پاور پلانٽ، 650 ميگاواٽ جا ٻه جوهري پلانٽ، 979 ميگاواٽ جو نيلم جهلم پراجيڪٽ ۽ تربيلا چار توسيع منصوبو شامل آهي جن سان 1500 ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ٿيندي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ويو ته مارچ 2018ع تائين قومي گرڊ ۾ انهن منصوبن مان حاصل ٿيندڙ بجلي شامل ٿي ويندي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:44