پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي رياستي ڏاڍ سبب متاثر ڪشميرين جي علاج لاءِ انتظامن جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمدنواز شريف

پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي رياستي ڏاڍ سبب متاثر ڪشميرين جي علاج لاءِ انتظامن جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمدنواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 06 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي رياستي ڏاڍ سبب متاثر ڪشميرين جي علاج لاءِ انتظامن جو خواهشمند آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان خصوصي طور تي پيلٽ بندوقن جي متاثرين جي اکين جو دنيا ۾ ڪٿي به دستياب طبي سهولتن ذريعي علاج ڪرائڻ چاهي ٿو، وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڀارت تي پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪري ته جيئن پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ تازي جاري انساني بحران جي ڏس ۾ متاثرين جي علاج جو اهتمام ڪري سگهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انساني بحران جي شدت ۾ اسان کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته اسان متاثرين جي علاج لاءِ فوري طور تي پنهنجي مادي ۽ انساني وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون، هن چيو ته ظلم جي حد اها آهي جو والاريل ڪشمير ۾ بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ ماڻهن ۽ ادارن کي به متاثرين جي مناسب علاج جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. وزيراعظم چيو ته ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران پرامن ۽ بيگناهه مظاهرين کي علاج فراهم ڪندڙ اسپتالن ۽ ايمبولينس گاڏين کي پڻ نشانو بڻايو پيو وڃي. هنچيو ته اکين کان محرومي متاثر ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن جي لاءِ سنگين نتيجن جو سبب بڻجي ٿي، پيلٽ بندوقن سبب متاثر ماڻهن ۾ ڪجهه شايد ٻيهر ڪڏهن به روشني نه ڏسي سگهندا تنهن هوندي به اهي اڃا به آزادي جي روشني کان رهنمائي وٺندي پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ پرعزم آهن ۽ دنيا کي ان جو احساس ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم پرڏيهي معاملن واري وزارت کي هدايت ڪئي ته هو ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ذريعي عالمي سياسي قيادت، انساني حقن جي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي حمايت کي متحرڪ ڪري ته جيئن هو پاڪستان حڪومت کي والاريل ڪشمير ۾ انساني بنيادن تي متاثرين جي علاج جو اهتمام ڪرڻ جي اجازت ڏي. هن وزارت کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته پاڪستاني حڪومت متاثرين جي علاج جي جي سمورن سفري ۽ ٻين خرچن جو انتظام ڪندي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:39