مردان پوليس شاگرد جي قتل جي واقعي ۾ ملوث 22 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن مان 6 يونيورسٽي جا ملازم آهن: مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان

مردان پوليس شاگرد جي قتل جي واقعي ۾ ملوث 22 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن مان 6 يونيورسٽي جا ملازم آهن: مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 17اپریل2017ء) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو آهي ته مردان پوليس شاگرد جي قتل جي واقعي ۾ ملوث 22 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن مان 6 يونيورسٽي جا ملازم آهن، تعليم ۽ تربيت جي پوري نظام جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ ۾ مردان واقعي تي بحث سهيڙيندي گهرو معاملن جي مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو ته صوبائي پوليس واقعي جا تفصيل فراهم ڪيا آهن، پوليس هڪ شاگرد کي ماڻهن کان ڇڏرايو ۽ اسپتال پهچايو، هڪ شاگرد جو لاش هاسٽل مان برآمد ڪيو ويو، پوليس ۽ ميڙ ۾ بعد ۾ ٽڪراءُ به ٿيو، پوليس ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪيا، 20 نامزد ماڻهن مان 16 کي گرفتار ڪيو ويو، وڌيڪ 12 جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي جن مان 6 کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ڪيل 22 ماڻهن مان 6 يونيورسٽي جا ملازم آهن، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، اهو وڏو بدقسمت واقعو آهي. هن چيو ته تعليم ۽ تربيت جي پوري نظام جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، اسان نوجوانن ۾ برداشت جو مادو پيدا ڪرڻ ۽ ٻين کي موقف کي سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ان حوالي سان نصاب تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، صوبا چاهين ته ان نصاب کي اختيار ڪري سگهن ٿا ڇو ته نصاب صوبائي معاملو آهي۔