سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين پاران مردان ۾ پيش ايندڙ واقعي تي افسوس جو اظهار

سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين پاران مردان ۾ پيش ايندڙ واقعي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 17اپریل2017ء) سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن مردان ۾ پيش ايندڙ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته تعليم يافته ماڻهن جو ان واقعي ۾ ملوث هجڻ اسان کي سوچڻ جي دعوت ڏي ٿو. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ مردان جي يونيورسٽي ۾ شاگرد جي قتل جي واقعي تي ڳالهائيندي سينيٽر الياس بلور چيو ته مردان ۾ هڪ افسوس واقعو ٿيو آهي، ڪنهن کي به سزا ڏيڻ جي لاءِ قانون موجود آهي، خيبرپختونخواهه حڪومت تعليم، صحت جي شعبن ۾ بهتري جي دعويٰ ڪري ٿي، 9 يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز نه آهن، جيڪڏهن يونيورسٽي جو وي سي هجي ها ته اهو واقعو نه ٿئي ها. سينيٽر اعظم سواتي چيو ته اسان کي ان مائنڊ سيٽ کي ختم ڪرڻو آهي جنهن تحت هڪ پيش امام مشعال جو جنازو پڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سراج الحق چيو ته ڪنهن کي پاڻ سزا ڏيڻ جو حق نه آهي، ڪو مذهب ۽ انسان ان واقعي جي حمايت نه ٿو ڪري سگهي، عوام آڏو اصل حقيقتون آنديون وڃن ۽ ڪيس جو فيصلو ڪيو وڃي. سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته مشعال جي قتل جي واقعي کانپوءِ اسان کي قانون جي حوالي سان سوچڻ گهرجي. چيئرمين چيو ته قانون جي ڳالهه ته جدا آهي، رستن تي ميڙ جي صورت ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ان بابت توهان ڇا چوندا. سينيٽر سسئي پليجو چيو ته سراج الحق کي ان واقعي جي مذمت به ڪرڻ گهرجي ها پر هن مذمت نه ڪئي، مشعال سان جيڪو ٿيو اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. سينيٽر سراج الحق ذاتي وضاحت پيش ڪندي چيو ته مردان جي واقعي جي مذمت ڪريان ٿو، 295 سي بابت ماڻهو چون ٿا ته رياست يا عدالت ڪڏهن ان قانون تي عمل ناهي ڪيو، تڏهن ئي ماڻهو مشتعل ٿين ٿا، قانون ۾ جيڪڏهن جهول آهي ته ان کي ختم ڪيو وڃي. سينيٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم چيو ته آئون ان واقعي جي سخت مذمت ڪريان ٿو. سينيٽر عائشه رضا فاروق چيو ته اسان کي مائنڊ سيٽ تبديل ڪرڻ ۽ برداشت ۽ تحمل کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻين کي ٻڌڻ جي روايت وجهڻ جي ضرورت آهي. سينيٽر جاويد عباسي چيو ته يونيورسٽين ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جو اهو رويو آهي جو اهي جنگ جي قانون تي يقين رکن ٿا. سينيٽ چيئرمين چيو ته منهنجي خيال ۾ ان مسئلي جو هڪ ئي حل آهي ته ادب کي هٿي ڏني وڃي، ادب کي فروغ ملندو ته اهڙي قسم جي واقعن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. سينيٽر محسن عزيز چيو ته مشعال جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ملڻ گهرجي. سينيٽر تاج حيدر چيو ته سنڌ ۾ ماڻهو ذاتي جهيڙن ۾ ڪاروڪاري جو الزام هڻي قتل ڪن ٿا. سينيٽر هال هاشمي چيو ته سرڪاري يونيورسٽين تي ڪنهن جو به ڌيان نه آهي، وڏين وڏين هوٽلن ۾ اين جي اوز جي پروگرامن ۾ اسان وڃون ٿا پر يونيورسٽين ۾ نه ٿا وڃون.