پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ انتهائي اهم مسئلو آهي: عابد شير علي

پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ انتهائي اهم مسئلو آهي: عابد شير علي

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 17اپریل2017ء) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ انتهائي اهم مسئلو آهي، آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ پاڻي گهٽ ٿي رهيو آهي، پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو به شدت اختيار ڪري رهيو آهي، اسان کي گڏجي ويهي پاڻي جي کوٽ جي مسئلي جو حل ڪڍڻ گهرجي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان رٿ تي بحث سهيڙيندي چيو ته پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ انتهائي اهم مسئلو آهي، آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي جڏهن ته پاڻي گهٽ ٿي رهيو آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ زميني پاڻي به گهٽ ٿي چڪو آهي ۽ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو وڌي رهيو آهي. هن چيو ته 1960ع ۽ 1970ع جي ڏهاڪي کانپوءِ ڪو وڏو ڊيم ناهي ٺهي سگهيو، هن چيو ته ٻوڏ سبب 52 ملين ايڪڙ پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو جنهن سان ساليانو 62 ملين ڊالر جو نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پاڻي ضايع به تمام گهڻو ڪيو وڃي ٿو، منگلا، تربيلا ۽ چشما کانپوءِ پاڻي جو ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ڪو ڊيم نه ٺهي سگهيو، ديامير ڀاشا ڊيم جي زمين حاصل ڪرڻ جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، هن چيو ته اسان وٽ 30 ڏينهن جي پاڻي جا ذخيرا موجود آهن جيڪي 130 ڏينهن هجڻ گهرجن. ڪيليفورنيا ۾ برساتون نه ٿيون ته گاڏي ڌوئڻ ۽ باغ کي پاڻي ڏيڻ تي پابندي هنئي وئي ۽ خلاف ورزي ڪندڙ کي 5 هزار ڊالر ڏنڊ هنيو وڃي ٿو پر اسان وٽ پاڻي ضايع ڪيو پيو وڃي، ماڻهو پاڻي جي کوٽ کي محسوس نه ٿا ڪن ۽ حڪومت سان تعاون نه ٿا ڪن. هن سينيٽ چيئرمين کي درخواست ڪئي ته توهان هڪ اهڙو فورم جوڙيو جنهن ۾ صوبا به گڏجي ويهي فيصلو ڪن ۽ پاڪستان کي ان مشڪل صورتحال مان ڪڍن جنهن تي سينيٽ چيئرمين معاملو پوري ايوان جي ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.