سينيٽ چيئرمين پاران ملڪ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ جو معاملو پوري ايوان جي ڪميٽي حوالي

سينيٽ چيئرمين پاران ملڪ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ جو معاملو پوري ايوان جي ڪميٽي حوالي

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 17اپریل2017ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ملڪ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ جو معاملو پوري ايوان جي ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر محسن عزيز پنهنجي ۽ ٻين ميمبرن پاران رٿ پيش ڪئي ته پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ جي معاملي تي گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جي رپورٽ کي بحث هيٺ آندو وڃي، بحث ۾ حصو وٺندي محسن عزيز چيو ته پاڪستان پاڻي جي کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل آهي، پاڻي جي مسئلن جو شڪار آهيون، يو اين ڊي پي رپورٽ ان صورتحال جي سنگيني کي بيان ڪري ٿي، پاڻي جي استعمال ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي ۽ ان جي کوٽ وڌندي پئي وڃي، پاڻي جا ذخيرا تمام گهٽ آهن، اسان جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ئي نه آهي جڏهن ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن وٽ ڊگهي عرصي لاءِ پاڻي جو ذخيرو موجود هوندو آهي، ان مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ويو ته صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي ويندي. سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته پاڻي جي صورتحال تي خصوصي ڪميٽي جوڙي وڃي يا ڪنهن ڪميٽي کي اهو معاملو موڪليو وڃي، چيئرمين چيو ته هو ان بابت غور ڪري فيصلو ڪندو ته ڪهڙي ڪميٽي ڏانهن اهو معاملو موڪليو وڃي. محسن لغاري چيو ته اهو دهشتگردي کان اهم مسئلو آهي، اسان پاڻي جي سخت کوٽ جو شڪار آهيون، اهو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. هن چيو ته اسان جو 80 سيڪڙو پاڻي انهن ٽن چئن مهينن ۾ اچي ٿو، اسان کي ان کي سنڀالڻ جي ضرورت آهي. سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته دنيا ۾ اڳتي جنگيون پاڻي تي لڳنديون، هر حڪومت پاڻي جي مسئلي تي ڏوهاري غفلت ڪئي آهي، پاڻي جي ورڇ جو معاهدو منصفاڻو نه آهي، ننڍن صوبن کي پاڻي جو حصو نه ملي رهيو آهي. سردار اعظم موسيٰ خيل چيو ته ان مسئلي تي ڌيان ڏنو وڃي. سينيٽر جاويد عباسي چيو ته پاڻي جي مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ويو ته مستقبل ۾ تمام سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو. سينيٽر تاج حيدر چيو ته واهن جي لائننگ ڪئي وڃي، پيئڻ جي پاڻي کي صاف بڻايو وڃي. سينيٽر عائشه رضا چيو ته جنهن ڪميٽي ڏانهن به اهو معاملو موڪليو وڃي ان کي پاڻي حڪمت عملي لاءِ سفارشون جوڙڻ گهرجن.