قومي اسيمبلي جو اجلاس اڱاري جي صبح 10 وڳي تائين ملتوي

قومي اسيمبلي جو اجلاس اڱاري جي صبح 10 وڳي تائين ملتوي

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 17اپریل2017ء) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڱاري جي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي کانپوءِ پيپلزپارٽي پاران ڪورم جي نشاندهي تي ميمبرن جو گهربل انگ پورو نه نڪرڻ سبب قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي ڪجهه دير تائين معطل رهي جڏهن ته ڪجهه دير کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي ٻيهر ايوان ۾ اچي ڳڻپ ڪرائي، ميمبرن جو گهربل انگ پورو نه نڪتو ته هن قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي اڱاري جي صبح ساڍي ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.