پارليامينٽ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي مسئلن جي حل جو ذريعو آهي:سينيٽرز

پارليامينٽ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي مسئلن جي حل جو ذريعو آهي:سينيٽرز

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) سينيٽ جي ميمبرن چيو آهي ته پارليامينٽ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي مسئلن جي حل جو ذريعو آهي، عوام پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ پارليامينٽ طرف ڏسي ٿي، پارليامينٽ کي غريبن ، ڪمزورن ۽ پيڙهيل طبقن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، پاڪستان کي هڪ حقيقي جمهوري وفاق ٺاهڻ لاءِ سينيٽ جي اختيارن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ گهرجي، سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ جي 44 هين يوم تاسيس جي موقعي تي سينيٽ جي ڪردار ۽ اختيارن تي بحث ڪندي سينيٽر طلحه محمود چيو ته اڄ جو ڏينهن انتهائي اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي، سينيٽ وفاقي ڌرين جو نمائندو آهي جنهن ۾ سڀني صوبن کي برابر جي نمائندگي حاصل آهي. سينيٽر طاهر حسين مشهدي چيو ته پاڪستان ۾ مختلف قومون رهن ٿيون جن جا مسئلا به مختلف آهن، هنچيو ته عوام پارليامنيٽ طرف ئي ڏسي ٿي ۽ پارليامينٽ کي غريبن ، ڪمزور ۽ پيڙهيل طبقن جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي. سينيٽر الياس بلور چيو ته ملڪ جو متفقه آئين ٺاهڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، خان عبدالولي خان ۽ نيپ جو ڪردار اهم آهي، سينيٽر شبلي فراز چيو ته هي اهم موقعو آهي ۽ سوچڻ جي ضرورت آهي ته هن ملڪ ڪٿي بيٺو آهي، سينيٽر سحر ڪامران چيو ته جمهوريت جي استحڪام لاءِ سينيٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي، سينيٽر عبدالقيوم چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿي رهي آهي، سينيٽر نهال هاشمي چيو ته عوام دشمن ماڻهن کي ڪشمير ۾ آزادي جي جدوجهد مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، سينيٽر سليم ضياءُ چيو ته سينيٽ جو جمهوريت جي استحڪام ۾ ڪردار نه وسارڻ جوڳو آهي، سينيٽر ڪريم خواجه چيو ته ايوان وفاقي ڌرين جي نمائندگي ڪري ٿو. سڀني ڌرين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، سينيٽر جاويد عباسي چيو ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ٻنهي ايوانن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، سينيٽر تاج حيدر چيو ته عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ سينيٽ جو ڪردار وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت کي هٿي ملي رهي آهي، سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دانشمنداڻي قيادت کي اسان سلام پيش ڪريون ٿا جنهن جي ڪري هي سينيٽ وجود ۾ آيو، سينيٽر شاهي سيد چيو ته اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته ڇا جنهن مقصد لاءِ سينيٽ جوڙيو ويو هو اهي حاصل ٿيا آهن يا نه. اي پي پي/ش – چ/ر – م 21:04