سينيٽ پاران ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام، عوام ۽ معاشري جي نظر اندازٿيل طبقن ۽ اقليتي برادري جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ ۽ وفاق کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جي حوالي سان قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظور

سينيٽ پاران ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام، عوام ۽ معاشري جي نظر اندازٿيل طبقن ۽ اقليتي برادري جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ ۽ وفاق کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جي حوالي سان قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) سينيٽ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام، عوام ۽ معاشري جي نظر انداز ٿيل طبقن ۽ اقليتي برادري جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ ۽ وفاق کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جي حوالي سان قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن رٿ پيش ڪئي ته جيئن ته 1973ع جو آئين پاڪستان جي عوام جي مسلسل نمائندگي ڪندو آهي ان لاءِ 6 آگسٽ 1973ع تي سينيٽ آف پاڪستان هڪ اهڙي پارلياماني ايوان جي حيثيت سان وجود ۾ آيو جنهن ۾ سڀني وفاقي ڌرين کي هڪ جهڙي نمائندگي ڏني وئي آهي، ايوان اهو عزم ڪري ٿو ته وفاق، وفاقي ڌرين، عوام جي حقن، مفادن جي تحفظ ۽ فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، سينيٽ جمهوريت جي گمنام هيروز، سياسي ڪارڪنن ۽ پاڪستان جي آئين جي سربلندي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن، سينيٽ جي عظمت ۽ وقار براقرار رکڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندڙ ماڻهن کي سلام پيش ڪري ٿو، سينيٽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ ميمبرن جي شموليت جي قدم کي ساراهي ٿو. جڏهن ته اقليتي برادري جي مفادن ۽ حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ايوان اڀرندڙ علائقائي حقن کي نظر ۾ رکندي وفاق جي مفادن جي نگهباني جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ايوان اتفاق راءِ سان رٿ جي منظوري ڏني.اي پي پي/ش – چ/ر – م 20:57