اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ اهڙو نظام بڻائڻ گهرجي ته جيئن سمورن شهرين کي ترقي جا برابر موقعا ملن، آئين تحت رياست تعليم، صحت ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي پابند آهي، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کانسواءِ اسان ترقي نٿا ڪري سگهون. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ جي 44 هين يوم تاسيس، سينيٽ جي ڪردار ۽ اختيار تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر سراج الحق چيو ته اڄڪو ڏينهن اسان جي لاءِ تاريخي آهي، آئين ٺهڻ کانپوءِ 44 سال گذري چڪا آهن پر پاڪستان ۾ غير يقيني واري صورتحال ختم ناهي ٿي. ملڪ کي خوف جي فضا مان ڪڍڻ جي لاءِ سينيٽ کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سينيٽ هڪ باوقار ادارو آهي ان ۾ سمورن صوبن جي برابر نمائندگي آهي پر ملڪ کياهڙي نظام جي ضرورت آهي ته سمورين شهرين برابر ٿي وڃن. اي پي پي/ش – چ/ر – م 20:24
ملڪ ۾ اهڙو نظام بڻائڻ گهرجي ته جيئن سمورن شهرين کي ترقي جا برابرموقعا ملن: سراج الحق
9 سال پھريان
![ملڪ ۾ اهڙو نظام بڻائڻ گهرجي ته جيئن سمورن شهرين کي ترقي جا برابرموقعا ملن: سراج الحق](https://imgcdn.pakistanpoint.com/media/2016/08/_3/730x425/pic_1470414343.jpg)