سينيٽ کي اختيار ڏيارڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي: عثمان ڪاڪڙ

سينيٽ کي اختيار ڏيارڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي: عثمان ڪاڪڙ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو آهي ته سينيٽ کي اختيار ڏيارڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ کي قومي اسيمبلي جي برابر مالياتي ۽ ٻيا اختيار ملڻ گهرجن. جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ جي 44 هين يوم تاسيس، سينيٽ جي ڪردار ۽ اختيارن تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته سينيٽ جو نالو هاڻي هائوس آف فيڊريشن رکيو ويو آهي پر ان جا اختيار وڌائڻ لاءِ به قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته جيڪڏهن سينيٽ کي ماضي ۾ آئين تحت اختيار حاصل هجن ها ته هي ملڪ ۾ نه مارشل لا لڳي ها ۽ نه ئي بنگلاديش ڌار ٿئي ها. هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جا واقعا به سينيٽ کي اختيار نه ڏيڻ جو ئي نتيجو آهن، هن چيو ته هاڻي به وقت آهي ته سينيٽ کي قومي اسيمبلي جي برابر مالياتي ۽ ٻيا اختيار ڏنا وڃن ته جيئن ملڪ مان ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا ۽ عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي ۾ مدد ملندي، هن چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائڻو پوندو تڏهن ئي جمهوريت ملڪ ۾ مضبوط ٿيندي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 20:21