حڪومت جي سٺي حڪمراني جو ويزن شفافيت ۽ اهليت تي ٻڌل آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

حڪومت جي سٺي حڪمراني جو ويزن شفافيت ۽ اهليت تي ٻڌل آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سٺي حڪمراني جو ويزن شفافيت ۽ اهليت تي ٻڌل آهي، انهن ٻنهي نقطن تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو، هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي طرفان ڏنل بريفنگ دوران چئي. اين ايڇ اي چيئرمين شاهد اشرف تارڙ سڄي ملڪ ۾ جاري ۽ آئنده جي ترقياتي منصوبن جي باري ۾ جامع بريفنگ ڏني. وزيراعظم محمد نواز شڙيف حيدرآباد سکر موٽر وي جي تعمير جي اصولي منظوري ڏني ۽ اين ايڇ اي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته مارچ 2017ع ۾ منصوبي تي ڪم شروع ڪيو وڃي، وزيراعظم آگسٽ جي آخري هفتي ۾ سيالڪوٽ لاهور موٽر وي منصوبي جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سي پيڪ منصوبي سميت هڪ هزار ارب روپين جي ماليت جي بنيادي ڍانچي جي ترقي جا منصوبا جاري آهن، انهن مان ڪيترائي منصوبا 2017ع جي آخر ۽ مارچ 2018ع جي وچ ۾ مڪمل ٿيندا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته موٽر وي منصوبن تي عملدرآمد ڪندي انتهائي شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي، وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ ۾ پکڙيل موٽر وي جو ڄار علائقائي ۽ مواصلاتي رابطن جي قدمن ۾ مددگار ٿيندو، ان سان سڄي ملڪ ۾ ترقي جي عمل جي رفتار تيز ٿيندي، اقتصادي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ايندڙ سالن ۾ اسان جي مخلصاڻي ۽ جامع ڪوششن سان هڪ ترقي پسند ۽ ترقي يافته پاڪستان ڏسڻ لاءِ ملندو.