پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي مختلف ٺيڪيدارن کي 20 ڪروڙ روپين جي اضافي ادائيگي جو معاملو محڪماڻي اڪائونٽس ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ذيلي ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن ڪنوينر سردار عاشق حسين گوپانگ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اين ايڇ اي جي چيئرمين شاهد اشرف تارڙ ڪميٽي کي ٻڌايو ته ٺيڪيدارن کي 20 ڪروڙ روپين جي اضافي رقم پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل طرفان طئي ٿيل معيار موجب ڏني وئي آهي، ڪميٽي کي آڊٽ عملدارن طرفان ٻڌايو ويو ويو ته اين ايڇ اي انتظاميه ٺيڪيدارن کي طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن کان هٽي ڪري 20 ڪروڙ روپين جون ادائيگيون ڪيون آهن، ڪميٽي ان آڊٽ اعتراضن جي فيصلي لاءِ ڊي اي سي جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ان کي جلد کان جد رپورٽ موڪلڻ جي هدايت ڪئي.