مسلم ليگ (ن) پاران عمران خان جي نااهلي لاءِ ريفرنس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ جمع

مسلم ليگ (ن) پاران عمران خان جي نااهلي لاءِ ريفرنس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ جمع

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) مسلم ليگ (ن) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي نااهلي لاءِ ريفرنس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان آئين جي آرٽيڪل 63، 62 تي پورو نٿو لهي ان جي لاءِ کيس قومي اسيمبلي جي سيٽ تان نااهل قرار ڏنو وڃي. جمعي ڏينهن عمران خان جي نااهلي جي حوالي سان ريفرنس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي دانيال عزيز، طلال چوڌري ۽ محسن شاهنواز رانجها جمع ڪرايو جڏهن ته ريفرنس جمع ڪرائيندڙ ٻينمسلم ليگ (ن) جي 8 قومي اسيمبلي ميمبرن ۾ چوڌري محمد حامد حميد، نديم عباس، سيد محمد عاشق حسين شاهه، محمد خان ڊاها ۽ مريم اورنگزيب شامل آهن. ريفرنس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي سيل بند لفافي ۾ جمع ڪرايو ويو آهي تنهن هوندي به مسلم ليگ (ن) جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان آئين جي آرٽيڪل 63، 62 تي پورو نٿو لهي.