پرويز رشيد پاران اداڪاره شميم آرا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

پرويز رشيد پاران اداڪاره شميم آرا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد مشهور فلمي اداڪاره شميم آرا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جمعي ڏينهن هتي جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ فلمي صنعت جي ترقي ۾ شميم آرا جو ڪردار هميشه يادرکيو ويندو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه ڏي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.