اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سعودي عرب ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي گهرڀاتين جي لاءِ معاوضي جو اعلان ڪيو آهي، وزيراعظم سعودي عرب ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي هر خاندان لاءِ پنجاهه هزار روپين جي معاوضي جي منظوري ڏني آهي، وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 10 هزار ڦاٿل پاڪستانين ۾ 50 ڪروڙ روپين جي مجموعي رقم ورهائڻ جي منظوري ڏني آهي، وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستاني ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل خاندانن جون لسٽون جلد کان جلد تيار ڪيون وڃن، وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته هر متاثر خاندان کي 50 هزار روپين جي جلد ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي.
وزيراعظم پاران سعودي عرب ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي گهرڀاتين جي لاءِ معاوضي جو اعلان
8 سال پھريان