وفاقي حڪومت افغانستان ۾ لاڳاپيل عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي:وزيراعظم محمد نواز شريف

وفاقي حڪومت افغانستان ۾ لاڳاپيل عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي:وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت افغانستان ۾ لاڳاپيل عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ هيليڪاپٽر ۾ سوار اهلڪارن جي باحفاظت واپسي جي لاءِ رياست جي وسيلن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آندو پيو وڃي، جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب هن چيو ته سڄي عملي جي باحفاظت بازيابي لاءِ رسمي ۽ غير رسمي ذريعا استعمال ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته اسان کي پوري ٽيم جي تحفظ جي باري ۾ فڪر مندي آهي، جيڪي هيليڪاپٽر ۾ سفر ڪري رهيا هئا، اسان افغانستان جي حڪومت سان انهن جي حفاظت ۽ جلد بازيابي ۾ مدد جي لاءِ باضابطه درخواست ڪئي آهي، عملي جي ميمبرن جي خاندانن جي ڏک ۽ تڪليف کي محسوس ڪندي وزيراعظم يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت ۽ ان جي ادارن پاران هر هڪ ميمبر جي حفاظت سان واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي.