ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين ۽ قيادت کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين ۽ قيادت کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين ۽ قيادت کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان جمعي ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي، ملاقات ۾ قومي اهميت جي سياسي معامن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ملاقات ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.