اميد ته سنڌ جو نئون وڏو وزير صوبي جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪندو:وزيراعظم محمد نواز شريف

اميد ته سنڌ جو نئون وڏو وزير صوبي جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪندو:وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته نئون چونڊيل سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي عوام جي امنگن ۽ مينڊيٽ موجب صوبي جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ڪوششون ڪندو، وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام جي بهتر انداز ۾ خدمت جي لاءِ ان جي ڪوششن ۾ صوبائي حڪومت کي ڀرپور مدد فراهم ڪندي رهندي. هن اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڳالهائيندي چئي جنهن جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم مراد علي شاهه کي سنڌ جو وڏو وزير چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. وڏي وزير وزيراعظم محمد نواز شريف جي صحت جي باري ۾ دريافت ڪيو ۽ سنڌ بابت مختلف معاملن ۽ مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، صوبي ۾ مجموعي صورتحال ۽ ڪراچي ۾ امن امان جي حالت تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان کي وزيراعظم پاران هميشه حمايت ملي آهي ۽ اميد ڪريون ٿا ته اسان کي وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت پاران اها مدد مستقبل ۾ به ملندي رهندي، سيد مراد علي شاهه ٿرڪول منصوبي تي وزيراعظم جي ڀرپور حمايت کي ساراهيندي چيو ته اهو سندس ذاتي دلچسپي سبب هي منصوبو شروع ٿيو ۽ اسان ان ڏس ۾ مسلسل مدد جا خواهشمند آهيون، وڏي وزير پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تي عملدرآمد جي حوالي سان صوبائي حڪومت جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو. سيد مراد علي شاهه ڪجهه منصوبن کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان گڏ آهي ۽ خاطري ڪرائي ته سي پيڪ ۾ منصوبن جي شموليت تي مثبت انداز ۾ غور ڪيو ويندو. سيد مراد علي شاهه ملاقات ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت بابت ڪجهه معاملا کنيا جنهن تي وزيراعظم وزير ۽ پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري کي وڏي وزير سان ملاقات ڪرڻ ۽ معاملن کي گڏيل طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو سڀني صوبن ۾ ترقياتي منصوبن جي تيزي سان پڄاڻي لاءِ سڀني وڏن وزيرن ۽ صوبائي حڪومتن کي دستياب آهي .