ڪوئيٽا (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان خاص طور بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال گذريل ڪجهه سالن کان مسلسل بهتري طرف گامزن آهي جنهن جو سهرو سيڪيورٽي فورسز ۽ سڀني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏوگڏ باشعور ۽ باهمت عوام کي به وڃي ٿو، بلوچستان جي بهادر ۽ محب وطن عوام ثابت قدمي ۽ استقلال سان پاڪستان جي خلاف سڀني منفي پروپيگنڊا ۽ سازشن کي شڪست ڏني ۽ اڄ سڄي دنيا اسان جي قوم جي ددهشتگردي خلاف پختي عزم ۽ بي مثال قربانين جو اعتراف ڪري رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن فرسٽ بلوچستان اوپن محمد علي جناح شوٽنگ چيمپئن شپ 2016ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته ضرب عضب هڪ آپريشن کان وڌيڪ هڪ قومي عزم نظريو ۽ طرز فڪر ۽ عمل بڻجي چڪو آهي، امن جي بحالي پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي تعمير ۽ پڄاڻي ۽ تعليم ۽ ترقي جي فروغ سان مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان هڪ روشن حقيقت جي طور تي سامهون اچي رهيو آهي ۽ ايندڙ سال جڏهن قوم آزادي جو جشن ملهائي رهي هوندي انشاءُ الله پاڪستان اڄ کان ڪيترو ئي وڌيڪ مضبوط، روشن ۽ خوشحال هوندو. صدر ممنون حسين چيو ته 1970ع تائين ملڪ ۾ ترقي جي رفتار صحيح رهي، ان کانپوءِ ڪرپشن ۽ بدعنواني جو عنصر وڌڻ سان خرابيون اينديون ويون ۽ ڪارڪردگي متاثر ٿيڻ لڳي. مختلف شعبا ڪرپشن ۽ بدعنواني سبب تباهه ٿيا، بدعنوان عنصرن جي خلاف ماضي ۾ معاشرتي رويي به ان جي حوصلا شڪني جو باعث هو ۽ بي ايمان ماڻهن کان پاسو ڪيو ويندو هو، موجوده وقت ۾ فرض شناس ايماندار ۽ اهڙن مخلص ماڻهن جي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي، جيڪي پاڪستان کي ان منزل تائين وٺي وڃن جنهن جو خواب قائداعظم ۽ علامه اقبال ڏٺو هو، اسان مان هر ماڻهو اهو پڪو پهه ڪري وٺي ته اسان کي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پنهنجو حصو وجهڻوآهي. جنهن جو بهتر طريقو اهو ئي آهي ته ڪرپٽ ۽ بدعنوان عنصرن کي رستي تي آڻڻ جي لاءِ بهتر طور تي قائل ڪيون ٻي صورت اهڙن عنصرن جو معاشرتي بائيڪاٽ ڪيو وڃي، اڄ هر ماڻهو مثبت رويو اختيار نه ڪيو ته اسان ترقي جا هدف حاصل نه ڪري سگهنداسين. صدر چيو ته بلوچستان غير معمولي اميدن جو مظهر ۽ مسڪن آهي. سي پيڪ معمولي منصوبو نه پر هن صدي جو ملينيم هوندو جنهن جو وڌيڪ فائدو بلوچستان کي حاصل ٿيندو، صدر ممنون حسين چيو ته سي پيڪ بابت گمراهه ڪرڻ واريون ڳالهيون ڪندڙن کي ان قومي منصوبي بابت احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي. سي پيڪ منصوبي جي شروع ۾ 4، پنج آپشن موجود هئا تنهن هوندي به حتمي طور اهو فيصلو ڪيو ويو ته پهرين کان موجود بنيادي ڍانچي کي استعمال ۾ آڻيندي ان کي فعال ڪيو وڃي، هن فيصلي کانپوءِ ڪا تبديلي ناهي ٿي. آئون يقين ڏياريان ٿو ته سي پيڪ منصوبي جي روٽ ۾ هڪ انچ به تبديل ناهي ڪئي وئي، پاڪ چائنا اقتصادي لنگهه جي پڄاڻي سان پاڪستان خطي جو اهم ترين ملڪ بڻجي ويندو ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان، ايران ۽ هندستان سميت پورو ماڊل ايسٽ ان منصوبي مان فائدو وٺي سگهندو، ان منصوبي جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته گذريل ٻن سالن جي دوران وچ ايشيا جي مختلف ملڪن جي سربراهن پنهنجي ملڪ جا رابطا سي پيڪ سان ڳنڍڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، سي پيڪ ۾ نيوڪليئر مان توانائي کي حاصل ڪرڻ جا چار منصوبا به شامل آهن، جنهن مان 2 مڪمل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٻه جاري آهن، ان کانسواءِ به ڪوئلو، شمسي توانائي ۽ ٻين ذريعن مان بجلي حاصل ڪرڻ جا منصوبا شامل آهن، جنهن جي پڄاڻي سان 2018ع تائين لوڊشيڊنگ جو يا ته مڪمل خاتمو ٿي ويندو يا پوءِ معمولي نوعيت جي لوڊشيڊنگ رهجي ويندي. صدر ممنون حسين چيو ته ملڪ مان محرومي جي خاتمي لاءِ عورتن جي تعليم ۽ تحقيقي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، عورتون پنهنجي ٻارن کي تعليم جي ترغيب ڏين، ڇوڪريون سڀئي رڪاوٽون ختم ڪري تعليم کي حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏين. تنهن هوندي به پنهنجي شناخت کي ختم کانسواءِ پنهنجي معاشري ۽ روايتن جي نمايان خصوصيتن تي قائم رهن. معاشري جي اڌ آبادي تعليم ۽ ڪم نه ڪندي ته ترقي جو عمل متاثر ٿيندو، هن چيو ته مون تعليم واري وزير کي سفارش ڪئي آهي ته پرائمري تائين تعليم جو تدريسي عمل عورتن جي حوالي ڪيو وڃي ڇاڪاڻ جو عورتون نه رڳو ٻارن کي محبت ۽ شفقت سان پڙهائي سگهن ٿيون پر ڪجهه اهي خاندان جيڪي پنهنجي ٻارن کي گڏيل تعليم نٿا ڏيارڻ چاهين انهن جي لاءِ به آسانيون پيدا ٿينديون. صدر چيو ته اسان جي ڏاهن ملڪ لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، الله پاڪ اسان جي ملڪ جي اڪابرن جي خوابن جي عملي تعمير بڻائي. هن چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته جنهن ماڻهو وٽ جيڪا ذميداري آهي اهو ديانتداري سان پوري ڪري ته وطن عزيز پاڻهي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي ويندو، صدر بلوچستان اوپن محمد علي جناح شوٽنگ چيمپن شپ 2016ع جي سموري انتظاميه کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن ستن ڏينهن واري مقابلي ۾ سڀئي شريڪ ٿيندڙ پنهنجي هنر ۽ مهارت مڃرائي پنهنجي صوبي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪن، هن چيو ته هن چيو ته بلوچستان جي پرفضا ۽ خوبصورت ماڳ زيارت ۾ واقعي قائد جي رهائشگاهه بغير ڪنهن شڪ جي قائداعظم محمد علي جناح جي بلوچستان جي عوام سان بي پناهه محبت جي لازوال نشاني آهي، پاڪستان جي باني جي نالي سان منسوب فرسٽ بلوچستان اوپن محمد علي شوٽنگ چيمپيئن شپ 2016ع جو انعقاد ۽ ان ۾ عوام خاص طور نوجوانن ۽ عورتن جي ڀرپور شرڪت اسان جي اڀرندڙمعاشري جي آئيندار آهي، جنهن کي اسان قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ انهن مقابلن جي انعقاد تي سموري انتظاميه کي خصوصن بلوچستان جي حڪومت ۽ پاڪ آرمي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، صدر چيو ته بلوچستان ۾ اچي هر ڀيري هڪ نئين اميد ۽ الڳ خوشي ملندي آهي جنهن جو اظهار ممڪن نه آهي، بلوچستان جي ماڻهن جو جذبو، حب الوطني، جوش ۽ خروش پنهنجو مثال پاڻ آهي، بلوچستان جي عوام ۽ انهن جي چهرن مان محبت ۽ روشن اميد کي ڏسڻ هڪ قيمتي تجربو آهي، جيڪا ڪڏهن به وساري نٿي سگهجي، ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي ڪمانڊ سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عامر رياض تقريب ۾ شرڪت تي صدر ممنون حسين جو ٿورو ادا ڪيو. صدر ممنون حسين فائرنگ پوائنٽ تي وڃي پهرين بلوچستان اوپن محمد علي جناح شوٽنگ چيمپيئن شپ 2016ع جو افتتاح ڪيو، ساڻس بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، بلوچستان جو وڏو وزير نواب ثناءُ الله خان زهري، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر راحيله حميد دراني، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عامر رياض، گهرو صوبائي وزير مير سرفراز بگٽي به گڏ هئا، تقريب جي پڄاڻي تي صدر مختلف اسٽالن جو به دورو ڪيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:00
بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتري طرف گامزن آهي: صدر ممنون حسين
9 سال پھريان