بلوچستان جي عوام صوبي ۾ جاري وڏن وڏن منصوبن مان لاڀ پرائيندي:وزيراعظم محمد نواز شريف

بلوچستان جي عوام صوبي ۾ جاري وڏن وڏن منصوبن مان لاڀ پرائيندي:وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي عوام صوبي ۾ جاري وڏن وڏن منصوبن مان لاڀ پرائيندي، هن اها ڳالهه پختون خوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر محمود خان اچڪزئي سان جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي، وزيراعظم چيو ته اسان جي گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ بلوچستان مستحڪم ۽ پرامن آهي، هن ملڪ جي سڀني حصن کي ترقي ڏيڻ جي حڪومتي ايجنڊا جو ورجاءُ ڪيو، ملاقات ۾ مجموعي قومي معاملن ۽ سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، بلوچستان بابت ترقياتي منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.