حڪومت ڪڻڪ، ڪينولا، مڪئي ۽ مسور جي دال جا مختلف قسم متعارف ڪرايا آهن: قومي اسيمبلي کي آگاهي

حڪومت ڪڻڪ، ڪينولا، مڪئي ۽ مسور جي دال جا مختلف قسم متعارف ڪرايا آهن: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 05 اگست 2016ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت ڪڻڪ، ڪينولا، مڪئي ۽ مسور جي دال جا مختلف قسم متعارف ڪرايا آهن، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران شڪيلا لقمان جي سوال جي جواب ۾ قومي غذائي تحفظ واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري رجب علي خان بلوچ ٻڌايو ته چانهه جي مقامي سطح تي پوک لاءِ سائنسدانن تجربا ڪيا پر انهن کي ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي، هن چيو ته بليڪ ٽي جي ذائقي کي ڊولپمنيٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا، تنهن هوندي به سائي چانهه جي پيداوار ۾ ڪاميابيون مليون آهن، هن ٻڌايو ته ٽن سالن ۾ پي اي آر سي ڪڻڪ، ڪينولا، مڪئي ۽ مسور جي دالين جا مختلف قسم متعارف ڪرايا آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:24