پي اين سي اي پاران اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري سيد عمران گرديزي جي اعزاز ۾الوداعي تقريب

پي اين سي اي پاران اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري سيد عمران گرديزي جي اعزاز ۾الوداعي تقريب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04 اگست 2016ء) پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس (پي اين سي اي) طرفان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي رٽائر ٿيندڙ وفاقي سيڪريٽري سيد عمران گرديزي جي اعزاز ۾ الوداعي تقريب جو انعقاد ڪيو ويو. ڊائريڪٽر جنرل پي اين سي اي سيد شبير احمد ۽ پي اين سي اي جي ملازمن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري اڳوڻي سيڪريٽري عمران گرديزي پي اين سي اي جي عملدارن جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته فن ۽ ثقافت ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي ۽ پي اين سي اي فن ۽ ثقافت جي فروغ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.