پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اختلافن جون خبرون بي بنياد آهن: سردار محمد يوسف

پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اختلافن جون خبرون بي بنياد آهن: سردار محمد يوسف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04 اگست 2016ء) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اختلافن جون خبرون بي بنياد آهن، وزيراعظم ملڪ ۾ جاري وڏن قومي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ جاري وڏن منصوبن جي حوالي سان وزيراعظم وڏي تفصيلي ڳالهه ڪئي آهي جڏهن ته قومي اسيمبلي ميمبرن جي مقامي سطح تي مسئلن جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هن چيو ته پارلياماني پارٽي جياجلاس ۾ اختلاف جون خبرون بي بنياد آهن، وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي بحران جي حل لاءِ هنگامي سطح تي وڏن منصوبن تي ڪم تيزي سان جاري آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين تي ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪري رهي آهي، يوم آزادي جي حوالي سان هن چيو ته 14 آگسٽ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ملڪ جي سلامتي ۽ اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذميداريون پوريون ڪريون. اي پي پي/ش – چ/ر – م 21:09