بلوچستان خوشحالي جي راهه تي گامزن آهي: صدر ممنون حسين

بلوچستان خوشحالي جي راهه تي گامزن آهي: صدر ممنون حسين

ڪوئيٽا (پاکستان نیوز پوائنٹ 04 اگست 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته بلوچستان خوشحالي جي راهه تي گامزن آهي ۽ چائنا پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبن جي تڪميل تي صوبي ۾ معاشي ۽ سماجي ترقي جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو. ڪالهه خميس ڏينهن هتي گورنر هائوس ۾ بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي ۽ وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي صدر بلوچستان ۾ امن امان جي بهتر صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شرپسندن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن ۽ ترقي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي. هن چيو ته پاڪ چائنا اقتصادي لنگهه منصوبو، گوادر ۾ گهري سمنڊ جي بندرگاهه جي اپ گريڊيشن، گوادر پورٽ ايڪسپريس وي ۽ گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ صوبي ۾ معاشي ترقي کي يقيني بڻائيندو ۽ ان سان روزگار جا زبردست موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته حڪومت بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر آڻن لاءِ صوبي ۾ جاري سمورن ترقياتي منصوبن جي بروقت تڪميل جو عزم رکي ٿي. صدر صوبي جي عوام جي خدمت لاءِ صوبائي حڪومت جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته ترقياتي منصوبن جي شفافيت ۽ ان جي اعليٰ معيار کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊولپمينٽ پراجيڪٽس جي مسلسل مانيٽرنگ ڪئي وڃي. هن چيو ته جاري منصوبن لاءِ هر قيمت تي شفافيت ۽ اعليٰ معيار کي يقيني بڻائڻ گهرجي. گورنر ۽ بلوچستان جي وڏي وزير بلوچستان جي ترقي ۾ گهري دلچسپي وٺڻ تي صدر سان ٿورن جو اظهار ڪيو ۽ کيس سڄي صوبي جي ترقياتي منصوبن جي مجموعي صورتحال ۽ ان تي عملدرآمد جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن صوبي جي ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي تعاون ۽ سمورين سهولتن جي فراهمي تي ٿورن جو اظهار ڪيو.اي پي پي/ش – چ/ر – م 21:05