سڄي ملڪ ۾ 45 ڪمبائنڊ ملٽري اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن: قومي اسيمبلي کي آگاهي

سڄي ملڪ ۾ 45 ڪمبائنڊ ملٽري اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04 اگست 2016ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 45 ڪمبائنڊ ملٽري اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن جتي عام پرائيويٽ اسپتالن جي ڀيٽ ۾ سستو علاج آهي. ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران پروين مسعود ڀٽي جي سوال جي جواب ۾ دفاع واري وزارت طرفان ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ ٻڌايو ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ 45 سي ايم ايڇ ڪم ڪري رهيون آهن، ان ۾ آزاد ڪشمير ۾ مظفر آباد ۽ راولاڪوٽ به شامل آهن، نجي شعبي جي مقابلي ۾ انهن اسپتالن ۾ چارجز گهٽ آهن. اي پي پي/ش – چ/ر – م 20:14