موٽر وي تي ٽول پلازن تي مسافرن کي درپيش مشڪلاتن جي ازالي لاءِ قدم کني پيا وڃن: قومي اسيمبلي کي آگاهي

موٽر وي تي ٽول پلازن تي مسافرن کي درپيش مشڪلاتن جي ازالي لاءِ قدم کني پيا وڃن: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04 اگست 2016ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته موٽر وي تي ٽول پلازن تي مسافرن کي درپيش مشڪلاتن جي ازالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن،ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته لاهور اسلام آباد موٽر وي 20 سال تائين بي او ٽي بنيادن تي ايف ڊبليو او کي ڏني وئي آهي، ٽول پلازه به ان وٽ آهن، هن ٽول پلازه جي حوالي سان تبديليون ڪيون آهن، مسافرن جي مشڪلاتن جو حل ڪڍنداسين. اي پي پي/ش – چ/ر – م 20:12