قومي اسيمبلي پاران مالياتي ادارا (ترميمي) بل 2016ع منظور

قومي اسيمبلي پاران مالياتي ادارا (ترميمي) بل 2016ع منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04 اگست 2016ء) مالياتي ادارا (ترميمي) بل 2016ع جي قومي اسيمبلي منظوري ڏئي ڇڏي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان رٿ پيش ڪئي ته مالياتي ادارا (ماليات جي وصولي) ترميمي بل 2016ع غور هيٺ آندو وڃي، هن چيو ته سينيٽ ان بل ۾ معمولي ترميم ڪئي آهي، ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر ايوان مان بل جي مختلف شقن تي منظوري حاصل ڪئي، پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان رٿ پيش ڪئي ته مالياتي ادارا (ماليات جي وصولي) بل 2016ع منظور ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.