پاڪستان دهشتگردي، بدعنواني ۽ منظم ڏوهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سارڪ جي ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد نوازشريف

پاڪستان دهشتگردي، بدعنواني ۽ منظم ڏوهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سارڪ جي ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد نوازشريف

اسلام آباد(پاکستان نیوز پوائنٹ 04 اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي، بدعنواني ۽ منظم ڏوهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سارڪ جي ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، آپريشن ضرب عضب ۽ نيشنل ايڪشن پلان ۽ موثر عملدرآمد جي ذريعي دهشتگردي جي خلاف شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ مواصلاتي رابطا اڻٽر آهن. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن هتي ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تنظيم سارڪ جي گهرو وزيرن جي ستين ڪانفرنس جي افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته اهو ويزن هن سال نومبر پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ 19 هين سارڪ سمٽ جي ايجنڊا ۾ مدد گار ثابت ٿيندو، وزيراعظم سارڪ گهرو وزيرن کي ٻڌايو ته قومي سطح تي پاڪستان آپريشن ضرب عضب ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي موثر عملدرآمد جي ذريعي دهشتگردي جي خلاف شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ اهي ڪاميابيون پنهنجي سرزمين تان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ آهي. وزيراعظم چيو ته چئلينجن جي باوجود سارڪ ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي هم آهنگي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ قابل تحسين ڪردار ادا ڪيو آهي. تنهن هوندي به تنظيم کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ حڪومتون ۽ سارڪ ادارن جي لاءِ ضروري آهي ته هو تنظيم کي وڌيڪ لاڀائتو بڻائڻ لاءِ جامع ڪوششون ڪري. وزيراعظم چيو ته سارڪ جو خطو انساني ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پنهنجي عوام جي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ علائقائي صلاحيتن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته هن قسم جي ايپروچ، ترقي ۽ پرامن پاڙيسرين جي لاءِ اسان جي حڪومت جي امن جي ويزن سان هم آهنگ آهي، هن چيو ته پاڪستان سارڪ کي سندس منشور ۾ بيان ڪيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سارڪ پاران کنيل قدمن جو حامي آهي، پاڪستان سمجهي ٿو ته خطي جي ترقي ۽ خوشحاليجي لاءِ مواصلاتي رابطا اڻٽر آهن ۽ هو خطي جي اندر رستن، فضائي، ريل ۽ آبي رابطن جي اصولي حمايت ڪري ٿو، هن چيو ته سارڪ کي خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ دلچسپي جي حامل ملڪن سان رابطن کي بهتر سطح تي هموار ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته سارڪ چارٽر ۾ بيان ڪيل مقصدن ۽ هدفن کي حاصل ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميداري آهي، اميد ڪريون ٿا ته اجلاس ۾ ڪيل فيصلا ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ ۾ اسان جي ڪوششن کي سگهه فراهم ڪندا. وزيراعظم چيو ته علائقي ۾ امن، آزادي، سماجي، انصاف ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ جي لاءِ تقريبن 3 ڏهاڪا اڳ سارڪ جو وجود عمل ۾ آندو ويو، هن چيو ته وڌندڙ رابطا ۽ عالمگيريت سان گڏوگڏ ميمبر ملڪن کي گڏيل چئلينج ۽ خدشا درپيش آهن، هن چيو ته دهشتگردي منشيات جي واپار، سائبر ڏوهن، ٻارن ۽ عورتن جي ٽريفڪنگ جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي گهر ڪري ٿي. ان کان اڳ سارڪ جي سيڪريٽري جنرل ارجن بهادر ٿاپا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نارڪو ٽيڪس، دهشتگردي، سائيبر ڏوهه ۽ ٻين عالمي ڏوهن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر قدمن جي ضرورت آهي، هن چيو ته سارڪ هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ان لعنت جي خاتمي لاءِ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ موثر تعاون گهربل آهي، سيڪريٽري جنرل چيو ته ستون سارڪ اجلاس گذيل اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:11