بحرين کي پاڪ چين اقصادي لنگهه مان پيدا ٿيندڙ شاندار موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي: وزيراعظم محمد نواز شريف

بحرين کي پاڪ چين اقصادي لنگهه مان پيدا ٿيندڙ شاندار موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29مارچ2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف بحرين جي حڪومت ۽ ڪاروباري برادري کي پاڪ چين اقصادي لنگهه مان پيدا ٿيندڙ شاندار موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته سي پيڪ نه رڳو علائقائي رابطن جي فروغ جو منصوبو آهي پر اهو پوري خطي جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، سي پيڪ 51 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪاٿو رکندڙ توانائي، رستن، موٽرويز، پائيپ لائينن، ريل نيٽ ورڪ ۽ آپٽڪ فائبر لنگهه آهي. هن اها ڳالهه بحرين جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. بحرين جو صنعت، واپار ۽ سياحت وارو وزير زيد آر الزياراني پڻ ان موقعي تي موجود هو. وفد جي قيادت بحرين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز (بي سي سي آءِ) جو چيئرمين خالد المعيد ڪري رهيو هو. وزيراعظم وفد جو شاندار استقبال ڪندي چيو ته پاڪستان بحرين جي ڪاروباري شخصيتن پاران پاڪ بحرين گڏيل هولڊنگ ڪمپني قائم ڪرڻ واري قدم جي آجيان ڪري ٿو ۽ اسان کي يقين آهي ته ان سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. بحرين جي ڪاروباري شخصيتن پرڏيهي سيڙپڪاري جي آجيان ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي پاليسي کي ساراهيندي چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ پاڪستان جو اقتصادي منظرنامو تبديل ٿي ويو آهي جنهن جو آزاد عالمي مالياتي ادارن اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ معيشت کي پائيدار اقتصادي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ بهترين ڪوششون ڪيون. ان ڏس ۾ ترقياتي عمل ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، زرعي شعبي جي پيداوار بهتر بڻائڻ، توانائي جي کوٽ ختم ڪرڻ، صنعتي چٽاڀيٽي ۾ اضافي، خدمتن جي فراهمي جي بهتر نظام ۽ انساني وسيلن جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو. بحرين جي وفد پاڪستان جي اڀرندڙ معيشت ۾ حصو وٺڻ تي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي نار ملڪن جي لاءِ پاڪستان مان روانگي واپار ۾ وڌيڪ اضافي ۾ پنهنجي دلچسپي کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪاروبار جي لاءِ وڏي گنجائش رکندڙ آهي. هڪ هزار کان وڌيڪ قومي ڪمپنيون پاڪستان ۾ منافعو ڏيندڙ ڪاروبار ڪري رهيون آهن، انهن کي مقامي سيڙپڪارن سان گڏ هڪ جهڙا موقعا حاصل آهن ۽ اچڻ وڃڻ ۾ ڪا رڪاوٽ درپيش نه آهي، اهي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي سرمائي ۽ بنيادي ڍانچي کي سگهه ڏئي سگهن ٿيون. وزيراعظم نواز شريف چيو ته سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي قانوني تحفظ حاصل آهي ۽ خاص طور تي اقتصادي زونز جو قانون جوڙيو ويو آهي ته جيئن ان ڏس ۾ مقابلي جي عالمي چئلينجن کي موثر طور تي منهن ڏئي سگهجي. هن چيو ته پيداوار ۾ اضافو ۽ غربت ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪاروباري لاڳت ۾ گهٽتائي جي لاءِ آزاداڻي مراعتن، بنيادي ڍانچي، سيڙپڪاري ۾ سهولت سان گڏ قانون صنعتي گروپ جوڙڻ جي اجازت ڏي ٿو. وزيراعظم وفد کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان لامحدود موقعن جي سرزمين آهي ۽ توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، انفراسٽرڪچر، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪسٽائيل، ڪپڙن، جراحي اوزار ۽ چمڙي جي مصنوعات جهڙن مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا شاندار موقعا پيش ڪري ٿو. وزيراعظم يقين ظاهر ڪيو ته بحرين جا سيڙپڪار پاڪستان جي اقتصادي ترقي سبب اڀرندڙ موقعن مان ڀرپور فائدو کڻندا جنهن سان اسان جي واپاري رابطن کي وڌيڪ هٿي ملندي. بحرين چيمبر اف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي وفد شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي پاڪستان سان واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ڪاروباري وفد بي سي سي آءِ جي وائيس چيئرمين خالد الزيني، بي سي سي آءِ جي سينيئر ميمبر شيخ محمد بن اسحاق، ايگزيڪيوٽو بورڊ جي ميمبر محمد ساجد، بي سي سي آءِ جي چيئرمين جوائنٽ ڪائونسل محمد عثمان، ايگزيڪيوٽو بورڊ ميمبر احمد بن هندي، پارليامينٽ ميمبر علي احمد بوفارسن، ايس ايم اي ڪائونسل جي چيئرمين احمد السيلوم، بزنس ڪائونسل جي چيئرپرسن فريال ناس، بي سي سي آءِ جي ميمبر سهير بوخامس ۽ ٻين تي ٻڌل هو. ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير خرم دستگير خان، بحرين ۾ پاڪستان جو سفير جاويد ملڪ ۽ ٻيا عملدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.