بهتر مستقبل ۽ نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي ضروري آهي: صدر ممنون حسين

بهتر مستقبل ۽ نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي ضروري آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28مارچ2017ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ جي بهتر مستقبل ۽ نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي ضروري آهي ته جيئن ٻارن ۾ ڪنهن قسم جي احساس محرومي پيدا نه ٿي سگهي ۽ اهي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي جائز خواهشن موجب ڪم ڪري سگهن. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي اهتمام هيٺ ٻارن جي شروعاتي سارسنڀال ۽ تعليم جي موضوع تي پهرين قومي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي تعليم واري مملڪتي وزير انجنيئر محمد بليغ الرحمان ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. صدر چيو ته جيڪي قومون پنهنجي حال مان ڪجهه وقت ڪڍي مستقبل بابت غور ۽ فڪر شروع ڪري ڇڏين، انهن جي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو ڪوبه نٿو روڪي سگهي، هي ڪانفرنس ان سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. صدر ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان حڪومت ويزن 2025ع تحت انهن معاملن تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن ايندڙ نسلن جي بهتر تعليم ۽ تربيت ذريعي انهن کي هڪ سٺو شهري ۽ مستقبل جو معمار بڻائي سگهجي ۽ ان مقصد جي لاءِ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري شعبن سان تعلق رکندڙ سمورا ماڻهو گڏ ٿي ٺوس حڪمت عملي تحت فڪري هم آهنگي سان ڪم ڪري سگهن. صدر چيو ته پاڪستاني معاشرو گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان تيز رفتار تبديلين جي زد ۾ آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ ڪجهه اليڪٽرانڪ ايجاد ان رفتار کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت ۽ معاشرو گڏجي اهڙا قدم کڻي جن ذريعي اسان جا ٻار بدلجندڙ صورتحال سان منفي طور تي متاثر ٿيڻ کانسواءِ ايجادن مان فائدو کڻي پنهنجي ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستاني معاشرو هڪ روايتي معاشرو رهيو آهي جنهن ۾ خانداني نظام تمام مضبوط هو. ان ماحول ۾ ٻارن جي سارسنڀال جي لاءِ والدين کانسواءِ ٻيا بزرگ به دستياب هوندا هئا پر دنيا ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين جي اثرن سان اسان جو معاشرو پڻ متاثر ٿيڻ کانسواءِ نه رهجي سگهيو جنهن جي نتيجي ۾ مضبوط خانداني نظام جون پاڙون ڪمزور ٿيون ۽ ڏاڏا، ڏاڏي ۽ نانا ۽ ناني جهڙن بزرگن کانسواءِ گهٽين محلن ۾ ٻارن تي نظر رکندڙ بزرگ ناياب ٿيندا ويا جنهن جي ڪري هاڻي ٻارن جي تربيت پراڻي طريقن تي برقرار نه رهي سگهي آهي. ان لاءِ ٻارن جي پرورش جي حوالي سان اسان جي ذميوارين ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ اهو ضروري ٿي ويو آهي ته رياست ۽ معاشرو ان کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گهري غور ۽ فڪر کانپوءِ هڪ اهڙو نظام جوڙي جنهن ۾ مسلسل تبديلين جي شڪار معاشري جي ضرورتن کي پوريون ٿينديون رهن. هن چيو ته هن دور ۾ خانداني روايتن کانسواءِ طرز زندگي ۾ به وڏي پئماني تي تبديليون رونما ٿيون آهن. اهو انهن تبديلين جو نتيجو آهي ته هاڻي ٻارن جي جسماني واڌويجهه ۾ به ماضي جي ڀيٽ ۾ فرق ٿي ويو آهي. طبقاتي فرق ۽ آمدني جي لحاظ کان معاشري جي مختلف حصن جي وچ ۾ هيٺ مٿانهين سبب ڪيترائي مسئلا به پيدا ٿيا آهن جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن کي غور فڪر ڪري هڪ اهڙو نظام جوڙڻ گهرجي جنهن جا مثبت اثر گهر کان وٺي ڪلاس روم تائين ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ واڌويجهه جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري سگهن. ان موقعي تي صدر ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل تجويزن کي پڻ ساراهيو. صدر چيو ته معاشري مان وڌندڙ طبقاتي ورڇ کي روڪڻ ۽ بعد ۾ انهن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهياسين ته ان جي نتيجي ۾ اهڙا ڳنڀير مسئلا پيدا ٿيندا جن کي منهن ڏيڻ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مشڪل ٿي ويندو. صدر مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ ۽ انجنيئر بليغ الرحمان جي خدمتن کي ساراهيندي ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته پهرين درجي کان ڏهين درجي تائين تعليمي نصاب جي اصلاح کي هن سال جي آخر تائين حتمي شڪل ڏني ويندي. بعد ۾ صدر مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ، عمران احمد، شاهد صديقي، نصرالدين روپاڻي،بنگلاديش مان اهم مقرر منظور احمد ۽ رفيق طاهر کي تعريفي شيلڊز ڏنيون. سائره افضل تارڙ به صدر کي ڪانفرنس جي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.