سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي

سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28مارچ2017ء) سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ايجنڊا ۾ شامل معاملا اڪلائڻ کانپوءِ چيئرمين عوامي اهميت جي معاملن تي ميمبرن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو جنهن کانپوءِ چيئرمين اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو صدارتي فرمان پڙهي ٻڌايو.