سينيٽ چيئرمين پاران غيرقانوني بي دخلي (ترميمي) بل 2017ع لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي

سينيٽ چيئرمين پاران غيرقانوني بي دخلي (ترميمي) بل 2017ع لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 28مارچ2017ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني غيرقانوني بي دخلي (ترميمي) بل 2017ع لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد رٿ پيش ڪئي ته غيرقانوني بيدخلي ايڪٽ 2005ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل غيرقانوني بيدخلي (ترميمي) بل 2017ع قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي، سينيٽ چيئرمين بل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو۔