مريم اورنگزيب پاران صحافي بشير چوڌري جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مريم اورنگزيب پاران صحافي بشير چوڌري جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 25مارچ2017ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ٽي وي چيئنل 24 جي سينئر رپورٽر بشير چوڌري جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ مملڪتي وزير بشير چوڌري جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏکويل خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ الله تعاليٰ کان مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪرڻ ۽ پوئينرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي۔